عالمي ڪپ ۾ ٽيمن تي پئسن جو مينهن وسندو، وڏو اعلان

دبئي( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي فاتح ٽيم لاءِ انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو.

هڪ ڏينهن وارو ڪرڪيٽ عالمي ڪپ ايندڙ مهيني ڀارت ۾ شروع ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت سميت 10 ٽيمون حصو وٺنديون.

ٽورنامينٽ جي پهرين ميچ 5 آڪٽوبر تي ٿيندي جڏهن ته پاڪستان ٽيم پنهنجي پهرين ميچ ڇهه آڪٽوبر تي نيڌرلينڊز خلاف کيڏندو.

ٽورنامينٽ جو سڀ کان وڏو پاڪ-ڀارت مقابلو 14 آڪٽوبر تي احمد آباد ۾ ٿيندو، عالمي ڪپ دوران مجموعي طور تي 48 ميچون کيڏيون وينديون ۽ فائنل 19 نومبر تي ايونٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.

ان ڏس ۾ آءِ سي سي طرفان عالمي ڪپ جي انعامي رقم جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.

آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ٽورنامينٽ ۾ مجموعي طور تي 10 ملين آمريڪي ڊالرز انعامي رقم طور ورهايا ويندا.

ون ڊي ورلڊ ڪپ جي فاتح ٽيم کي چاليهه لک ڊالر ملندا جڏهن ته رنر اَپ ٽيم جي حصي ۾ ويهه لک ڊالرز ايندا.

سيمي فائنلز هارائڻ وارين ٽيمن کي اٺ لک آمريڪي ڊالرز ملندا جيڪي مجموعي طور 16 لک آمريڪي ڊالر ٿين ٿا.

ناڪ آئوٽ مرحلي ڪواليفاءِ نه ڪري سگهندڙ ٽيمن کي هڪ، هڪ لک ڊالرز ملندا جڏهن ته گروپ مرحلي جي ميچون کٽڻ واري ٽيم کي چاليهه هزار ڊالرز انعامي رقم طور ملندا .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.