فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي جاچ ۾ وڏي اڳڀرائي

خيرپور (ويب ڊيسڪ) گهريلو ملازمه فاطمه جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار پير فياض شاهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پير فياض شاهه حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بئنچ مان ضمانت ورتي هئي.
خيرپور ۾ گهريلو ملازمه فاطمه جي قتل ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس نامزد جوابدار پير فياض شاهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پير فياض شاهه کي پريس ڪانفرنس کانپوءِ حويلي ويندي گرفتار ڪيو ويو.
واضح رهي ته جوابدار پير فياض شاهه گذريل ڏينهن حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بئنچ مان ضمانت ورتي هئي، جڏهن ته جوابدار اسد شاهه ۽ ڪمپائونڊر امتياز جسماني رمانڊ تي پوليس جي تحويل ۾ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.