زخمي نسيم شاهه کي محمد حارث ڪئي دلچسپ آڇ!

اِهو ئي سبب آهي جو قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد حارث نسيم شاهه کي مضبوط رهڻ جي صلاح ڏيندي هڪ دلچسپ آڇ ڪئي آهي.

قومي ٽيم جي اعلان کانپوءِ نسيم شاهه سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو جنهن ۾ هن لکيو ته افسوس سان گڏ اِها خبر شيئر ڪري رهيو آهيان ته مان عالمي ڪپ ۾ نه هوندس، مان مايوس آهيان پر سڀ الله جي هٿ ۾ آهي.

نسيم شاهه وڌيڪ لکيو ته انشاءَ الله تمام جلد ميدان ۾ هوندس، مداحن جو پنهنجي دعائن ۾ ياد رکڻ تي ٿورائتو آهيان.

نسيم شاهه جي پوسٽ تي محمد حارث ريپلاءِ ڪندي لکيو ته مضبوط رهه دوست.

ان پوسٽ ۾ هن هڪ تصوير به شيئر ڪئي جنهن تي ” نسيم شاهه منهنجو شولڊر( ڪلهو ) وٺ“ لکيل هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.