ڪنهن ڏينهن اوهان پنهنجي گاڏي جو بونٽ کوليو ۽ اوهان کي هڪ هڪ ري سڏيو مهمان وڏي پرسڪون انداز ۾ ويٺل نظر اچي ته اوهان جو ردعمل ڇا هوندو؟ جواب کان اڳ اهو ڄاڻي وٺو ته اهو مهمان ڪو به ٻيو نه پر هڪ خطرناڪ نانگ آهي.
هڪ آمريڪي شهري گاڏي جو بونٽ کوليو ته هو ڊڄي ويو هن وٺو ته انجڻ جي مٿان هڪ وڏو نانگ وڏي سڪون سان ويٺل هو.
واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. گاڏي جي مالڪ ٻڌايو ته انجڻ جي چوڌاري موجود ست فوٽ ڊگھو نانگ لاڳيتو حرڪت ڪري رهيو هو جنهن کي هٽائڻ لاءِ پوليس کي ڪال ڪئي.
ميڊيا رپورٽس موجب اهو واقعو آمريڪي رياست وسڪونسن جي شهر گرين بي ۾ پيش آيو. اهو نانگ جنگلي ڪارپٽ پائيٿن آهي، خيال ڪيو پيو وڃي ته اهو آسٽريليا کان آيو ۽ ڪهڙيءَ طرح آمريڪا پهتو.
https://youtu.be/LrdayAGIC70
وائلڊ لائيف سينڪوريري ۾ جانورن جي ڪيوريٽر لوري بينڪسن موجب ممڪن آهي ته نانگ گرم رهڻ لاءِ ڪار جي انجڻ ۾ گھڙي ويو هجي جتي ان کي ٿوري دير لاءِ سٺي جاءِ ملي وئي هئي.
گرين بي پوليس آفيسر به نانگ کي هٽائڻ ۾ ناڪام رهيا جنهن کان پوءِ ڪار جي مالڪ کي نانگ سان گڏ ويجهو وائلڊ لائيف پرزرو ڏانهن موڪليو ويو. اختيارين واضح ڪيو ته گاڏي جو مالڪ نانگ جو مالڪ نه هو.