لاهور (ويب ڊيسڪ) پٽ جي خواهشمند عورت ٽين ڌيءَ جي پيدائش تي دلبرداشتا ٿي اسپتال جي عمارت تان ٽپو ڏئي ڇڏيو.
جنرل اسپتال جي انتظاميا موجب قصور سان واسطو رکندڙ ڳورهاري عورت کي طبعيت ۾ خرابي تي اسپتال آندو ويو.
انتظاميا ٻڌايو ته عورت پٽ جي خواهشمند هئي پر ٽين ڌيءَ جي پيدائش تي هن دلبرداشتا ٿي اسپتال جي سرجيڪل ايمرجنسي مان ٽپو ڏئي ڇڏيو.
انتظاميا موجب عورت ليبر روم جي واش روم جي دريءَ تان هيٺ ٽپو ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ سخت زخمي ٿي پئي ۽ ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ نيورو ايمرجنسي ۾ داخل آهي.
اسپتال انتظاميا واقعي جي انڪوائري لاءِ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن جو سربراهه يورولاجي جو پروفيسر ڊاڪٽر خضر حيات هوندو.
Prev Post
You might also like