خسارو ئي خسارو، ڇا شاليمار ايڪسپريس بند ٿي وئي؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي کاتي نقصانن ۽ خساري کي ڏسندي هڪ ٽرين جي سروس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب پاڪستان ريلوي لاهور کان ڪراچي تائين هلندڙ شاليمار ايڪسپريس کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو قدم ريلوي کاتي کي ٿيندڙ مالي نقصانن جي روشني ۾ کنيو ويو آهي، شاليمار ايڪسپريس جيڪا پنهنجي تاريخي اهميت ۽ پراڻي آپريشنز سبب مشهور آهي، لاهور ۽ ڪراچي جي مسافرن کي پنهنجي منزل تائين پهچائيندي هئي.
ذريعن موجب شاليمار ايڪسپريس گذريل ڪيترن ئي مهينن کان خساري ۾ هلي رهي هئي، گهربل آمدني نه ملڻ تي انتظاميا ٽرين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
واضح رهي ته پاڪستان ريلوي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ رڪارڊ واڌ کانپوءِ ريلن جي ڀاڙن ۾ به واڌ ڪئي آهي.
هوڏانه شاليمار ايڪسپريس جي بندش جي خبرن تي ريلوي کاتي جو ردعمل به سامهون آيو آهي.
ريلوي اختيارين موجب اهڙين خبرن جي ترديد ڪندي واضح ڪيو آهي ته شاليمار ايڪسپريس جي بندش جي حوالي سان اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ٿيو ۽ اها معمول موجب هلي رهي آهي.
اختيارين ٻڌايو ته شاليمار ايڪسپريس جي جاءِ تي عوام ايڪسپريس جي بحالي جو فيصلو غور هيٺ آهي، جڏهن ته مسافر شيڊيول موجب پنهنجي ٽڪيٽن جي بڪنگ ڪرائي سگهن ٿا.
ريلوي ترجمان چيو ته ٽرين جي بندش جي حوالي سان اعليٰ اختيارين جي فيصلي کانپوءِ باقاعدي طور حڪم نامو جاري ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.