ورلڊ ڪپ: ڀارت راند ۾ به سياست ڪرڻ لڳو، بُري خبر اچي وئي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) (ويب ڊيسڪ ) عالمي ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي شرڪت جي حوالي سان بُري خبر اچي وئي.

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ شروع ٿيڻ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڏينهن باقي بچا آهن پر ڀارت راند ۾ به سياست ڪرڻ لڳو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب، پاڪستاني رانديگرن ۽ آفيشلز کي اڃا تائين ويزائن جو اوسيئڙو آهي، ڀارت رانديگرن ۽ آفيشلز جون ويزائون سيڪيورٽي ڪيلئرنس سان مشروط ڪري ڇڏيون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي هاءِ ڪميشن اڃا تائين ويزائون جاري ناهن ڪيون، دهلي ۾ گهرو کاتي کان سيڪيورٽي ڪليئرنس ملڻ کانپوءِ ويزائون جاري ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.