“ شاهين کي فرمانبردار مڙس بڻائڻ جي سکيا ڏيندس“

لاهور (ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي اڳوڻي آف اسپنر ۽ ڪوچ ثقلين مشتاق چيو آهي ته هاڻ هو شاهين آفريدي بهترين مڙس بڻجڻ جي سکيا ڏيندس.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ثقلين مشتاق شاهين آفريدي سان گڏ ٽريننگ سيشن دوران ورتل تصوير شيئر ڪندي فاسٽ بالر کي شادي جون وڌايون ڏنيون.

ثقلين مشتاق پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته شاهين کي شادي جون واڌيون هجن پر هو ياد رکي ته مان رڳو ميدان ۾ اوهان جو ڪوچ ناهيان رهيو، هاڻي مان هڪ مينٽور ۽ ڪوچ طور کيس بهترين مڙس بڻجڻ جي ڪوچنگ ڏيندس.

ٻي ٽوئيٽ  ثلقين مشتاق شاهد آفريدي کي ٽيگ ڪندي لکيو ته اوهان کي نياڻي جي شادي جون کوڙ ساريون مبارڪون هجن، يقين نٿو اچي ته ننڍڙي گڏڙي ايڏي وڏي ٿي وئي آهي.

اڳوڻي ڪوچ لکيو ته هو انشاءِ شاهين جي بهترين ازدواجي زندگي لاءِ دعاگو آهي، جيڪو نه رڳو بهترين ڪپتان آهي پر هڪ بهترين انسان پڻ آهي جيڪو  اوهان جي شهزادي جو مڪمل طور خيال رکندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.