باجوا، فيض حميد، ثاقب نثار، آصف کوسا، عظمت سعيد قوم جا ڏوهي آهن: نواز شريف

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته جنرل (ر) قمر باجوا، فيض حميد، ثاقب نثار، آصف سعيد کوسا ۽ عظمت سعيد پاڪستان ۽ 22 ڪروڙ عوام جا ڏوهي آهن.
لنڊن ۾ نواز شريف ۽ شهباز شريف پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي سينيٽر اسحاق ڊار ۽ مريم نواز به موجود هئي.
گفتگو ڪندي نواز شريف چيو ته 2017 جي پاڪستان کي سازش تحت تباهي ڪناري پهچايو ويو، جيستائين سازش ۾ شامل سڀني ڪردارن کي انجام تي نٿو پهچايو وڃي پاڪستان اڳتي نٿو وڌي سگهي.
هن چيو ته اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر باجوا، اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد، ثاقب نثار، آصف سعيد کوسا ۽ عظمت سعيد پاڪستان ۽ 22 ڪروڙ عوام جا ڏوهي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.