قائداعظم يونيورسٽي سنڊيڪيٽ اجلاس ۾ چيف جسٽي جي شرڪت، شاگرد يونين جي بحالي جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي قائداعظم يونيورسٽي سنڊيڪيٽ اجلاس ۾ شاگرد يونين جي بحالي جو فيصلو ڪيو ويو ۽ قاعدا طئي ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.
قائداعظم يونيورسٽي سنڊيڪيٽ اجلاس ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رڪن جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وائس چانسلر پروفيسر نياز جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ شريڪ ٿيو.
ذريعن موجب قائداعظم يونيورسٽي سنڊيڪيٽ يونيورسٽي ۾ شاگرد يونين جي بحالي جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته تعليم واري سيڪريٽري وسيم اجمل جي سربراهي ۾ شاگرد يونين لاءِ قاعدا طئي ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.
ذريعن ٻڌايو ته چيف جسٽس يونيورسٽي ۾ هٿيار بردار پوليس، رينجرز ۽ سيڪيورٽي جي موجودگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته يونيورسٽي کي هٿيارن ۽ منشيات کان پاڪ رکو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته يونين غير جماعتي هجي، فرقيواريت، لساني ورهاست کان پاڪ هجي، قائداعظم يونيورسٽي جي پهرئين قانون ۾ يونين موجود هئي، جنرل ضياءَ جي مارشل لا جي پهرئين حڪم ۾ يونين ختم ڪئي وئي.
هن چيو ته ڪنهن کي به يونيورسٽي جي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏيو، ايجنسين کي به يونيورسٽي معاملن کان پري رکو، هتي اعليٰ تعليم تي ڌيان ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.