لاهور( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي عالمي ڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ جو حصو بڻجڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي ” دي جنريٽر از بيڪ “ جي ڪيپشن سان تصوير شيئر ڪري ڇڏي.
پي سي بي جي چيف سليڪٽر انضمام الحق اڄ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ 18 رُڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي.
قومي ٽيم بابر اعظم جي قيادت ۾ ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندي، جڏهن ته فاسٽ بالر نسيم شاهه جي انجري سبب سندس جاءِ تي حسن علي کي عالمي ڪپ اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.
Shukar Alhumdulilah! It’s an indescribable feeling to be able to play the World Cup for my country. InshAllah I will give my absolute best for Pakistan. Please remember me and our team in your prayers. Also a big thanks to my fans for always supporting me 🫶🏼#PakistanZindabad 🇵🇰 pic.twitter.com/Kul3zpbXis
— Hassan Ali 🇵🇰 (@RealHa55an) September 22, 2023
عالمي ڪپ اسڪواڊ جي اعلان کانپوءِ حسن علي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪ تي ” دي جنريٽر از بيڪ “ جي ڪيپشن سان تصوير پوسٽ ڪئي ۽ الله جا ٿورا مڃيندي لکيو ته پنهنجي مُلڪ لاءِ ورلڊ ڪپ کيڏڻ جو موقعو ملڻ تي تمام گهڻو خوش آهيان.
حسن علي لکيو ته هو عالمي ڪپ ۾ پاڪستان لاءِ سئو سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو.
فاسٽ بالر سپورٽ ڪندڙ مداحن جا ٿورا مڃيا ۽ درخواست ڪئي ته کيس ۽ سندس ٽيم کي دعائن ۾ ياد رکن،