22 ايٽم بمن جي طاقت رکندڙ سيارو زمين سان ٽڪرائجڻ جي اڳڪٿي

ميريلينڊ (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن مستقبل ۾ دنيا سان ٽڪرائجندڙ سياري جي تاريخ بابت تفصيلن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. سائنسدانن موجب اهو سيارو 22 ايٽم بمن جي طاقت جي برابر طاقت سان دنيا سان ٽڪرائجندو.
بينو نالي سيارو هر 6 سالن ۾ اسان جي زمين جي ويجهو گذرندو آهي پر سائنسدانن جي اندازي موجب 24 سيپٽمبر 2182ع ۾ زمين ۽ سياري وچ ۾ ٽڪر ٿي سگھي ٿو.
جيتوڻيڪ ٻڌايل تاريخ اڃا گھڻي پري آهي پر ناسا بينو جي مدار جو رخ تبديل ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اهو مشن آخري مرحلي ۾ آهي. آمريڪي رياست ميريلينڊ ۾ قائم ناسا جي گوڊارڊ اسپيس فلائٽ سينٽر OSIRIS-Rex جي پروجيڪٽ مئنيجر رچ برنز موجب سائنسدان ستن سالن جي سفر جي آخري مرحلي ۾ آهن ۽ ان جو احساس ميراٿون جي آخري ڪجهه ميلن جي سفر جهڙو آهي، فخر ۽ مزي سان گڏ ڊوڙ مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم ۽ مقصد تي ڌيان رکيون ويٺا آهن.
بينو تقريبن 500 ميٽر ڊگھو سيارو آهي ۽ سائز جي اعتبار سان ڊائناسارز کي ختم ڪندڙ سياري جي اڌ جيترو آهي. ان جو مطلب آهي ته جنهن جاءِ تي اهو ٽڪرائجندو ان هنڌ کان 965 ڪلوميٽرن تائين تباهي پکيڙيندو. پر اهو ايترو وڏو نه هوندو جو عالمي سطح تي زندگي جي خاتمي جو سبب بڻجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.