اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) مسلم ليگ (ن) ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ هڪ ڀيرو وري ڪو تڪرار پيدا ٿيو آهي، اهو تاثر ان ڪري پيدا ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته شهباز شريف جي لنڊن کان واپسي ۽ 48 ڪلاڪن ۾ وري واپسي خدشا پيدا ڪيا آهن. سياسي تجزئي نگارن جو خيال آهي ته نواز شريف 21 آڪٽوبر تي وطن واپسيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پر وطن واپسيءَ کان اڳ نواز شريف پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي جيڪو مطالبو ڪيو ته 2018ع ۾ سازش تحت کيس عدالت ذريعي نااهل ڪرائي عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ وارن جو احتساب ڪرڻ بنا ملڪ اڳتي وڌي نه سگهندو ۽ نه ئي ترقي ڪري سگهندو. ان ڪري عمران پراجيڪٽ جي ذميوارن جو احتساب ضروري آهي، شايد ! نواز شريف جي ان مطالبي تي اسٽيبلشمينٽ خدشن جو اظهار ڪيو هجي ۽ شهباز شريف تائين پيغام ويو هجي جنهن ڪري شهباز شريف فون تي نواز شريف سان ڳالهائڻ بدران واپس وڃڻ ضروري سمجهيو هجي، اطلاع اهي به آهن ته اڄ لنڊن ۾ اهم اجلاس به آهي جنهن ۾ صرف نواز شريف، مريم نواز ۽ شهباز شريف شريڪ ٿيندا ٻيو ڪو به اڳواڻ ان اجلاس ۾ نه هوندو، ان ڪري اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته ضرور ڪو سنجيده ۽ اهم مسئلو آهي.
2017ع جي ڪردارن ۾ سويلين کي سزا ۽ ٻين کي ڇڏڻ ناانصافي آهي: جاويد لطيف
لنڊن(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته 2014ع کان 2017ع ۽ 9مئي جي ڪردار ۾ سويلين کي سزا ڏيو ۽ ٻين کي ڇڏي ڏيو ته اهو انصاف ناهي، قوم جو مطالبو آهي ته جسٽس(ر) بنديال جو به احتساب ٿيڻ گهرجي، لنڊن ۾ نوازشريف سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نوازشريف کي حڪومت مان ڪڍڻ وارا سمورا ڪردار بي نقاب ٿي چڪا آهن، ۽ انهن ڏوهه جو اعتراف به ڪري ورتو آهي، 2017ع جي ڪردارن کي وائکو ڪرڻو پوندو، ان مقصد لاءِ هڪ ڪميشن بڻائڻ گهرجي، هن چيو ته هڪ اداري جي خوداحتسابي کانپوءِ هاڻي ٻيو ادارو به پنهنجو احتساب ڪري نه ته سويلين کي ڪرڻو پوندو، ملڪ کي برباد ڪندڙ عنصرن جو احتساب ضروري آهي، هن چيو ته نوازشريف 21 آڪٽوبر تي پاڪستان اچي رهيو آهي، اسان جي خواهش آهي ته اسان جي جلسي جلوس سان ماڻهو ڊسٽرب نه ٿين، اسان پابند ڪري رهيا آهيون ته استقبال نه، سمورا ماڻهو مينار پاڪستان پهچندا.
”پنهنجي ماڻهن تي ڪيس هلائڻ نه ڏينداسين“اسٽيبلشمينٽ جو پيغام
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ملڪ جي اصل طاقتور ماڻهن گذريل ڏينهن پرنٽ ميڊيا جي ڪجهه وڏن صحافين سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ انهن اهو ٻڌايو آهي ته اليڪشن ڪڏهن ٿيڻ جو امڪان آهي، اسد علي طور پروگرام ان سينسرڊ ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت تمام خراب آهي، 46 ملڪن جي لسٽ ۾ پاڪستان جو 43 هون نمبر آهي، خطي ۾ ڀارت جي جي ڊي پي 6.7،بنگلاديش 5.5 سيڪڙو، پاڪستان 1.1 سيڪڙو آهي،ڀارت ۾ مهانگائي شرح 7.5، بنگلاديش ۾ 9.9 سيڪڙو ۽ پاڪستان ۾ 27 سيڪڙو آهي،جلد کان جلد اليڪشن سان هن ملڪ ۾ استحڪام،ڪاروبارين جو اعتماد بحال ٿيندو،اسلام آباد ۾ اسٽيبلشمينٽ جي هڪ اداري صحافين سان ميٽنگ ڪئي آهي، ان اداري جي سڀني کي خبر آهي، اتي چيو ويو ته جنوري فيبروري ۾ اليڪشن نه ٿيندي،شرڪت ڪندڙ صحافين کي ٻڌايو ويو ته اليڪشن فيبروري کان به اڳتي وڃي سگهي ٿي، انهن چيو ته ملڪ کي عدم استحڪام کان بچائڻو آهي ته اليڪشن مسئلي جو حل ناهي، اليڪشن ڪميشن اليڪشن جو ڪو به شيڊول جاري ناهي ڪيو،جنوري جو آخري هفتو چئي دروازو کليل ڇڏيو ويو آهي، تڪبندين جو بهانو بڻائي اليڪشن ۾ دير ڪئي پئي وڃي،اسد علي طور هڪ ٻئي وي لاگ ۾ چيو آهي ته شهبازشريف جون لنڊن لاءِ ڊوڙون ڇو لڳيون، هو 48 ڪلاڪن ۾ ئي لنڊن واپس ڀڳو، نوازشريف چئن سالن کان لنڊن ۾ ويٺل آهي، ميان شهبازشريف مريم نواز سان ون ٽو ون ملاقات ڪري فوج سان ڳالهين، ن ليگ جي ايندڙ بيانئي تي ڳالهيون ڪيون آهن، نوازشريف ٻه ڏينهن اڳ جنرل باجوا،جنرل فيض حميد، آصف سعيد کوسي ۽ ثاقب نثار جي ٽرائل جو مطالبو ڪيو آهي، هن اقتدار ۾ اچي انهن جي احتساب جو مطالبو ڪيوآ هي ان تي ملٽري اسٽيبلشمينٽ پاران شهبازشريف سان رابطو ڪري کيس سخت پيغام ڏنو ويو، کيس چيو ويو ته توهان اهو پيغام نوازشريف کي پهچايو، شهبازشريف لنڊن پهچي ويو آهي جتي هو نوازشريف کي راضي ڪندو ته اسان مشڪل سان فوج سان رابطا قائم ڪيا آهن، عمران خان ۽ پ پ کي ڪاٽيو آهي، جنرل عاصم منير نوازشريف جي چوائس هو، بعد ۾ شهبازشريف آرمي چيف جي بوٽ پالش جا رڪارڊ ئي ٽوڙي ڇڏيا، هن چيو ته باره ڪهو جي پل جو ڪريڊٽ به هن آرمي چيف کي ڏنو، هن آرمي چيف جي تعريفن جا پل ٻڌي ڇڏيا، هن چيو ته آرمي چيف اڳوڻي فوجي سربراهه جو ٽرائل ٿيڻ نه ڏيندو،
شهباز اهم ڳالهه لاءِ لنڊن ويو، ججن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
اسلام آباد(م ڊ)ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته انهن ججن خلاف ڪارروائي ضرور ٿيڻ گهرجي جن اسان جي عدل جي نظام کي تباهه ۽ برباد ڪيو، پي آءِ اي جي نجڪاري 30 سال اڳ ئي ٿيڻ گهرجي ها، نگران سرڪار کي پي آءِ اي جي نجڪاري ڪرڻ گهرجي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي آءِ اي کي بند ڪري ڇڏيو، ان روٽ تي ڪا نئين ايئرلائن آڻيو، شهبازشريف کي لازمي طور نوازشريف سان ڪا اهم ڳالهه ڪرڻي هوندي، ان ڪري هو لنڊن ويو آهي،فون تي اهڙيون ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، هن چيو ته پ پ 15 سالن ۾ سنڌ ۾ ڇا ڪيو آهي اهو سڀ ڪجهه واضح آهي، پ پ پنهنجي نقصان کي اسان جي نفعي سان نه ملائي،اهو ته چونڊن ۾ ئي خبر پوندي ته اسان ڪيتري نفعي ۾ آهيون، ايندڙ چونڊون 2018ع جهڙيون نه ٿينديون، تحريڪ انصاف کي پارٽي طور ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي.
شهباز ۽ مريم” انقلاب روڪيو“ مهم تي لنڊن پهتا آهن: تجزئي نگار
اسلام آباد(م ڊ) سينيئر صحافي ڪامران خان جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف ۽ پارٽي نائب صدر مريم نواز لنڊن ويا آهن ته جيئن نواز شريف اهم شخصيتن جو احتساب ڪرڻ واري بيان تان هٿ کڻي وڃي.هن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته انهن(مريم ۽ شهباز) جو مشن ”انقلاب روڪيو“ هو. لنڊن ۾ هڪ مهينو رهڻ کانپوءِ شهباز شريف کي پوئتي موٽڻو پيو، جڏهن هو پاڪستان پهتو ته کيس معلوم ٿيو ته نواز شريف انقلاب جو واعدو ڪيو آهي،قوم کي قيامت خيز اقتدار ۾ واپسي ۽ چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جي تحريري ضمانت سان گڏ هن خطرناڪ عزم جو اظهار به ڪيو هو ته جيئن ئي اقتدار ۾ واپس ايندو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا،مستقبل جي چيف جسٽس، جسٽس اعجاز الحسن اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ کي ڪيفر ڪردار تي پهچائيندو،هاڻ شهباز شريف کي نوازشريف کي ٿلهي ليکي پيغام ڏيڻو آهي ته اهي سڀ ڳالهيون وساري ڇڏ يا پاڪستان واپسي جي خواهش کي وساري ڇڏي،ڏسون ٿا ته ان موضوع تي شهبازشريف ،مريم نواز جي منٿ ميڙ ڪم اچي ٿي يا نوازشريف انقلابي عزم تي قائم رهي ٿو يا وساري ڇڏي ٿو..
نوازشريف جي واحد اميد” زراعت کاتو“ آهي: حماد اظهر
اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر ٽوئيٽ ڪيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڄاڻي ٿي ته نااهل نواز شريف جي واحد اميد زراعت کاتو آهي. 3جڏهن ته نوازشريف جو يال آهي ته ڊپارٽمينٽ وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو به آپشن ناهي،هن چيو ته حقيقت اها آهي ته اڄ قيدي نمبر 804 جي هڪ جلسي، هڪ ريلي، ايستائين جو هڪ جهلڪ به خيالي پلاءُ جي ديڳن کي لپيٽي ويندي