سکر(رپورٽر) پريا ڪماري جي اغوا، جان محمد مهر جي اغوا سميت سنڌ ۾ بدامني خلاف جسقم جي مرڪزي سڏ تي سکر زيرو پوائنٽ کان ريلي ڪڍي وئي. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد خان مهيسر، ديدار شام ،مومن سمون، اطهر سومرو، آصف رضا مگسي، اشرف ڪلھوڙي جي اڳواڻي ۾ ڊي آءِ جي آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. پوليس آفيسر شمس ڀيو جي اڳواڻي ۾ وفد ڳالهين لاءِ پهتو، جنهن کي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته معصوم پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو، اسان جو احتجاج جاري رهندو. جنهن بعد جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ برپا ڪيو ويو آهي، ماڻهو قتل ۽ اغوا ڪيا وڃن ٿا، سنڌ ۾ ڪير به محفوظ ناهي، سکر مان پريا ڪماري جو ڪو به پتو ناهي، سکر جي وچ شهر ۾ سينئر صحافي جان محمد مهر کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جا اڃان مُک قاتل به گرفتار نه ڪيا ويا آهن، جنهن جي قاتلن کي به گرفتار ڪيو وڃي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي 15 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ احتجاجي مارچ ۽ ريلي جو اعلان ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ هر سازش جو مقابلو ڪنداسين، سنڌ ۾ موجود لکين افغانين کي واپس ڏيھ موڪليو وڃي، سنڌ جي قيمتي زمين جي والار ختم ڪرائي، غير قانوني بحريا ٽائون سميت سموريون اسڪيميون رد ڪيون وڃن، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ٺل ۾ قتل ڪيل حافظ معظم نوناري، ڪوٽڙي سچل سرمست ڪالوني ۾ ولي محمد ڪٽپر جي قتل جي مذمت ڪئي . امجد مهيسر خطاب ڪندي چيو ته گھرو وزير چئي ٿو ته پريا ڪماري جي شادي ٿي وئي آهي، جيڪا گهرو وزير حارث نواز جي نااهلي آهي، جيڪو پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ بنا معصوم نياڻي کي شادي جي گار ڏئي رهيو آهي.ديدار شام خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو خاتمو ڪري، پريا ڪماري جي اغوا ڪندڙن ۽ شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. مومن سمون، اطهر سومرو، اشرف ڪلھوڙي به خطاب ڪيو.