اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ چيئرمين جي ڀاءُ کي اسلام آباد ۾ 27 سالن جي لاءِ بنگلو الاٽ ڪيو ويو آهي، سينيٽ چيئرمين جي ڀاءُ کي گريڊ 22 جي آفيسر جي برابر 27 سالن جي لاءِ اسلام آباد ۾ بنگلو الاٽ ڪيو ويو، معاملو عدالت پهتو ته رازق سنجراڻي جواب نه ڏنو، صادق سنجراڻي جي ڀاءُ رازق سنجراڻي کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي اڄ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس بابر ستار چيو ته رازق سنجراڻي کي بطور مينيجنگ ڊائريڪٽر ايم ڊي سيندڪ ميٽلز لميٽڊ بلوچستان ڪيٽيگري ون رهائش الاٽ ڪئي وئي، رازق سنجراڻي وفاقي حڪومت جو ملازم به ناهي ان جي باوجود هو ڪيئن ڪيٽيگري ون رهائش جو مستحق آهي، جسٽس بابر ستار چيو ته سينيٽ چيئرمين ايوان جو سربراهه ۽ صدر جي عدم موجودگي ۾ صدر هوندو آهي، سينيٽ چيئرمين ذاتي مفادن کي فرضن تي اثر انداز نه هجڻ جو حلف کنيل آهي، سوچيو به نه هو ته سينيٽ چيئرمين طاقت جي استعمال سان ڀاءُ کي سهولت ڏيندو.