ٺل ۾ دڪاندار حافظ معظم نوناري جي قتل خلاف شٽربند هڙتال، ڌرڻو

ٺل (رپورٽ: حضور بخش  سومرو) ٺل ۾ ڦورن ھٿان قتل ٿيل حافظ معظم علي نوناري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو، هزارين ماڻهو ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا، جوابدارن جي گرفتاري جو  مطالبو ڪيو ويو، مقتول معظم نوناري جي جنازه نماز سائين عبدالمنان هاليجوي رهبر چوڪ تي پڙھائي، جنهن ۾ ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي۔مير محبوب علي سومرو۔جمال جوش ٻرڙو، سرواڻ لاشاري، ايڊوڪيٽ روشن ڪنراڻي، محمد خان کوسو، سيد عبدالباسط شاھ، مير فهد خان کوسو، سردار انيل خان ڀٽي، جاويد ساگر بروهي، صحافي سرمد ڪنراڻي، حضور بخش ٻرڙو سميت سياسي، سماجي، مذھبي اڳواڻن،  سول سوسائيٽي جي ماڻھن ۽ هزارين شھرين شرڪت ڪئي، مرحوم کي هزارين آلين اکين سان تدفين ڪئي وئي، جڏهن ته تڏو 3 ڏينهن رهبر چوڪ تي رکيو ويندو، مقتول جي ڀائرن ڪامريڊ محمد رحيم نوناري، ممتاز علي نوناري چيو ته شھيد معظم نوناري جي قاتلن کي گرفتار ڪري ٽن پوليس اهلڪارن کي شامل ڪيو وڃي، هنن چيو ته ٽن پوليس اهلڪارن ڏوهارين کي هٿن سان فرار ڪيو آھي، رابطي ڪرڻ تي ٺل پوليس ٻڌايو ته شڪ تي بنياد تي گرفتاريون ڪيون آھن ۽ اصل جوابدارن جو پتو لڳايو آهي، ايس ايس پي جيڪب آباد سيد عامر عباس شاھ ڌرڻي واري هنڌ رهبر چوڪ ٺل پهچي وارثن سان تعزيت ڪري ڏک جو اظھار ڪيو، ايس ايس پي جيڪب آباد چيو ته مقتول جي وارثن سان همدردي آھي، واقعي واري هنڌ جو  پاڻ معائنو ڪرڻ آيو آھيان، قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، وارثن جي مرضي مطابق ڪيس داخل ڪيو ويندو، هن چيو ته قتل ۾ جيڪي به ماڻهو ملوث آھن انهن کي جلد قاتل گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچائي وارثن سان انصاف ڪيو ويندو۔ڪنهن به ڏوهاري کي بخش نه ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.