ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦليوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ناري سميت 13 گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت گهروکاتي سنڌ تي سخت ڪاوڙ جو اظهارڪندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جا وارث ڪيترا پريشان آهن اوهان کي احساس نه آهي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته گهروکاتي جي سيڪريٽري آفيس ۾ ويهي ڪم ڪرڻ بدران ڪهڙي اڳڀرائي ڏيکاري، هاڻ ڪا اڳڀرائي نه ڏيکاري وئي ته ان کي طلب ڪنداسين، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته آءِ جي سنڌ پنهنجي پوليس جي ڪارڪردگي ٻڌائي، عدالت جو گم ٿيل ماڻهن جي جي آءِ ٽي جو اجلاس مهيني ۾ ٻه ڀيرا گهرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، عدالت گهروکاتي جي سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته اوهان جي ماتحت جيڪي به آهن انهن وٽ هي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته نينگري صائمه ۽ عبدالغريز بازياب ٿي ويا آهن، عدالت چيو ته ظفر اقبال، اظهر عباس ۽ ٻين جي آزادي لاءِ قدم کنيا وڃن.
ٺل ۾ معظم نوناري جو قتل سنڌ سرڪار بي حسي آهي: محنتي
ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي ٺُل ۾ ڌاڙيلن هٿان نوجوان حافظ معظم نوناري جي قتل ۽ سندس ڀاءٌ نياز نوناري جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جي سخت مذمت ۽ ان کي سنڌ ۾ بدامني جي انتها قرار ڏيندي واقعي ۾ ملوث رهزنن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي. هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته حافظ معظم نوناري جي بيدردي سان قتل واري واقعي سنڌ حڪومت جي بي حسي ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف لاڳيتو احتجاجي مظاهرن، ڌرڻن ۽ حڪومت پاران ڪچي ۾ آپريشن جي تيارين باوجود اڄ سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ڪنهن به انسان جي جان، مال ۽ عزت محفوظ ڪونه آهي، ٺُل ۾ ڪجهه عرصو اڳ نوجوان صدام لاشاري سميت ٽي نوجوان قتل ٿي چڪا آهن، اڄ معظم نوناري جي قتل خلاف ٺُل جا هزارين شهري روڊن تي نڪري آيا آهن شهر ۾ ڪاروبار بند ۽ مقتول جي گهر ۾ ماتم برپا آهي، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اداره اکيون کولين، وفاق ۽ سنڌ حڪومت ڏينهون ڏينهن امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي ڪنٽرول ڪري نه ته گهڻي دير ٿي ويندي، سنڌ ۾ هٿ وٺي حالتون خراب ۽ عوام کي بغاوت تي مجبور ڪيو پيو وڃي،