حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته ايندڙ اليڪشن کي شفاف ۽ عوامي بنائڻ لاءِ سائنٽيفڪ قدم کنيا وڃن.اليڪشن ڪميشن کي گھرجي ته نئين تڪبندين ذريعي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جا تڪ ننڍا ٺاھيا وڃن ته جيئن مڊل ڪلاس جو ماڻھو اليڪشن ۾ آساني سان بيھي سگھي، وڏا تڪ ھجڻ ڪري ھاري، پورھيت ۽ مڊل ڪلاس جا ماڻھو اڻسڌي نموني اليڪشن کان ٻاھر ٿي وڃن ٿا، جنھن ڪري رڳو سرمائيدار ۽ جاگيردار اليڪشن وڙھي سگھن ٿا. وڏن تڪن تي وڏا خرچ ٿين ٿا جيڪي وڏا خرچ ڪن ٿا، اھي ايوانن ۾ اچي عوام جي خدمت بدران پنھنجي ڪمائي جا رستا کولين ٿا، غريب عوام وري به غربت ۽ بدحالي جو شڪار رھي ٿو، اياز لطيف پليجي چيو ته وڏا تڪ ھجڻ ڪري اسيمبلين ۾ صحيح ايماندار عوامي نمائندا نٿا پھچن، مٿئين طبقي جا نمائندا ايوانن ۾ پھچي پنھنجي فائدي جا قانون جوڙين ٿاڪرپشن ذريعي عوام جو پئسو ٻاھرين ملڪن ڏانھن منتقل ڪن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ مٿين طبقي ۽ ذاتي مفادن لاءِ حڪومتن ۾ ايندڙ نمائندن وٽ ملڪ ۽ غريب عوام لاءِ ڪو به پروگرام ناھي، حقن جو استحصال ٿي رھيو آھي، عوام جي مفاد ۾ پاليسيون جوڙيون وڃن.