لاهور (پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پنجاب جي عوام کي مدي خارج نظام خلاف اٿي کڙو ٿيڻو پوندوڪرپٽ مافيا جنهن جا هٿ اوهان جي کيسي تي آهن اهي نسلن کي غلام بڻائڻ چاھين ٿا پرامن جمهوري جدوجهد ذريعي حق وٺڻ گهرجن. ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي تي ڪافي عرصي کان ڪجھه خاندانن جو قبضو آهي وقت اچي ويو آهي ته ان قبضي مان جان ڇڏائي وڃي. پي ڊي ايم پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ جي حڪومتن جا گذريل پنج سال قوم لاءِ عذاب کان گهٽ نه هئا. مهانگائي عوام کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو آهي ڪرپٽ اشرافيه ملڪ تي بار آهي اهي ڪرپشن ۽ چوريون ڪن ٿا هنن قرض هڙپ ڪري ڇڏيا آهن غريبن جو رت چوسيو ۽ وهايو پيو وڃي،هن چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافو واپس ورتو وڃي پيٽرول ۽ گيس جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي کاڌي پيتي جي شين کي عوام جي پهچ ۾ آندو وڃي نتيجا اچڻ تائين تحريڪ جاري رهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس آڏو ٽن ڏينهن واري ڌرڻي جي پهرئين ڏينهن شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن اليڪشن ڪميشن جي نااهلي تي ردعمل ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ شفاف چونڊون ڪرائڻ ئي اصل امتحان آهي. اليڪشن ڪميشن جي آئين موجب اسيمبليون ٽوڙڻ جي صورت م 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ لازمي آهي. جماعت اسلامي عوام جي حڪمراني چاهي ٿي ۽ اسان سمجهون ٿا ته چونڊون ئي استحڪام جو وسيلو آهن. جماعت اسلامي مهانگي بجلي ۽ مهانگائي جي مجموعي خراب صورتحال خلاف 4 گورنر هائوسز اڳيان ڌرڻن جو اعلان ڪيو هو. ڌرڻي کي جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ ڊاڪٽر فريد پراچا ۽ سيڪريٽري جنرل امير العظيم پڻ خطاب ڪيو. سراج الحق مطالبو ڪيو ته آءِ ايم ايف ۽ آءِ پي پيز جي معاهدن جا تفصيل قوم آڏو رکيا وڃن هن توانائي بابت وائيٽ پيپر جاري ڪرڻ ۽ آءِ پي پي جي معاهدن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.