ڪراچي (م ڊ) چيف سيڪريٽري جي بي طرفان سرڪاري گاڏين تي آفيشل لوگو پرنٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، گلگت بلتستان ۾ سرڪاري گاڏين جي بنا سبب استعمال کي روڪڻ لاءِ گاڏين تي آفيشل لوگو لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان محي الدين واني صوبي جي سمورن ضلعن ۾ سرڪاري گاڏين تي آفيشل لوگو پرنٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، نوٽيفڪيشن موجب گاڏين جي بنا سبب استعمال کي روڪڻ جي لاءِ اهو قدم کنيو ويو آهي.
پنوعاقل، عوامي آواز رپورٽر تي تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيا
پنوعاقل (ن آ ع ) پني عاقل ۾ عوامي آواز جي رپورٽر رستم انڍڙ کي يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻائڻ جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ باوجود پنوعاقل پوليس جوابدار بااثر وڏيري ۽ ان جي ساٿين کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، سپيڪو طرفان بجلي چورن خلاف آپريشن جي ڪوريج لاءِ ڳوٺ در محمد ٿھيم ۾ عوامي آواز جو رپورٽر رستم انڍڙ ۽ سندس ڪئمرامين کي وڏيرو امجد ٿهيم پنهنجي اوطاق ۾ يرغمال بڻائي، ٻن ڪلاڪن تائين وحشياڻي تشدد ۽ تذليل واري واقعي خلاف ايف آءِ آر نمبر 179/2023 داخل ٿيڻ باوجود پنوعاقل پوليس جوابدار بااثر وڏيري امجد ٿهيم ۽ ان جي ساٿين کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، صحافين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ، آءِ جي سنڌ ، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته حق سچ جي آواز کي دٻائڻ جو مک ڪردار وڏيري امجد ٿهيم سان گڏ رضوان، فرحان، عرفان، عبدالله عبدالجبار، فراز، عبدالمنان، بدراالدين ۽ ٻين جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي.
ميرپورخاص ۾ ڇاپا، لک کان وڌيڪ ڀاڻ جون ٻوريون هٿ
ميرپورخاص(رپورٽ: صالح اوٺو) ڀاڻ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڇاپن جو سلسلو جاري آهي، ٻن ڇاپن دوران هڪ لک کان وڌيڪ ڀاڻ جون ٻوريون ۽ مدي خارج زرعي دوائون هٿ، اسسٽنٽ ڪمشنر غلام حسين ڪانهيو ڳجهي اطلاع تي عمرڪوٽ روڊ تي قائم ماروي گودام تي ڇاپو هڻي هڪ لک 20 هزار ڀاڻ جون ٻوريون هٿ ڪري گودام سيل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته کپرو ناڪا چوڪ لڳ ڇاپو هڻي 15 هزار ڀاڻ جون ٻوريون ۽ وڏي انگ ۾ مدي خارج زرعي دوائن جون بوتلون هٿ ڪري گودام سيل ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب ڊويزنل ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر پاران ڀاڻ جو غيرقانوني ذخيرو ڪندڙن ۽ بليڪ تي وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪاروايون ڪري ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ هر حال ۾ ختم ڪرائڻ وارين سخت هدايتن بعد قانون نافذ ڪندڙ اهم ادارن جي مدد سان ڇاپن جو سلسلو تيز ڪيو ويو آھي جنهن بعد ڀاڻ مافيا ۾ ٻڙدڪ متل آھي، اسسٽنٽ ڪمشنر غلام حسين ڪانهيو چيو ته 14 گودامن ۾ رکيل هڪ لک 20 هزار ڀاڻ جون ٻوريو هٿ ڪري گودام سيل ڪيا ويا آھن.
ڪراچي ايئرپورٽ تي اسٽاپ لسٽ تي نالن جي چڪاس، سخت چيڪنگ
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ايئرپورٽ تي مسافرن جي ڇنڊڇاڻ، اسٽاپ لسٽ تي نالن جي چڪاس ڪراچي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مسافرن جي سخت چيڪنگ ڪئي پئي وڃي، اسٽاپ لسٽ ۾ مسافرن جا نالا چيڪ ڪيا پيا وڃن، جنهن سبب ايئرپورٽ تي مسافرن جي غير معمولي رش نظر آئي تفصيل موجب ڪراچي ايئرپورٽ تي مسافرن جي غير معمولي رش نظر آئي ، ايف آءِ اي اميگريشن ڪائونٽر تي مسافرن جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، جنهن سبب مسافرن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو ايئرپورٽ ذريعن موجب پرڏيهي ايئر لائنز جي 4 پروازن جي مسافرن جي اميگريشن عمل ۾ دير ٿي، مسافرن جي سفري دستاويزن جي جاچ ڪئي وئي، پرڏيهه ويندڙ مسافرن جي اسٽاپ لسٽن جي نالن کي به چيڪ ڪيو ويو
ڪراچي ۾9 مهينن دوران ڦر دوران مزاحمت تي 100 شهري مارجي ويا
ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي شهر ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن جي زخمي ٿيڻ ۽ جاني نقصان جو سلسلو رڪجي نه سگهيو. ڪورنگي الله والا ۾ 2 ڏينهن اڳ ڦر دوران پيءُ سميت زخمي ٿيل نوجوان موت ۽ زندگي جي جنگ ۾ حياتي وڃائي ويٺوهلندڙ سال قائد جي شهر ۾ ڦرلٽ دوران مارجي ويل شهرين جو انگ 100 تائين پهچي ويو، جڏهن ته سوين شهري ڦرلٽ جو شڪار ٿيا. اجلاسن ۾ ماتحت آفيسرن پاران پيش ڪيل ڪارڪردگي رپورٽن تي پوليس جا اعليٰ عملدار مطمئن ٿي وڃن ٿا پر ان جي ابتڙ زميني حقيقتون مختلف آهن. سنڌ جي نگران حڪومت پاران پوليس آفيسرن جي مقرري جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اسٽريٽ ڪرائم جي روڪٿام بابت ڪيل فيصلي تي جلد عملدرآمد ٿيندي نظر نه پيو اچي، جنهن ڪري شهرين کي بي رحم چورن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، جيڪي نه رڳو لٽ مار ڪن ٿا. هو جڏهن به ۽ جتي چاهين ٿا پر ٿوري به مزاحمت تي شهرين کي مارڻ ۽ زخمي ڪرڻ کان به دير نٿا ڪن. 3 ڏينهن اڳ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي الله والا ٽائون ۾ ڦر دوران مزاحمت تي جوابدارن فائرنگ ڪري پيءُ پٽ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي پٽ 20 ورهين جو .علي عباس علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. مارجي ويل علي عباس الله والا ٽائون جو رهواسي هو ۽ پنهنجي زخمي پيءُ سان گڏ گاڏين جي ڊينٽنگ جو ڪم ڪندو هو، جڏهن ته شهر ۾ اهڙا درجنين ڪيس داخل آهن جن ۾ قاتل ڦورو اڃا تائين قانون جي گرفت ۾ نه اچي سگهيا آهن. . جنوري ۾، بي رحم ڦورن مزاحمت تي فائرنگ ڪري 13 شهرين کي قتل ڪيو، فيبروري ۾ 12، مارچ ۾ 10 ۽ اپريل ۾ 12. اهڙي طرح مئي ۾ 15، جون ۾ 9، جولاءِ ۾ 12 ۽ آگسٽ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري 8 شهرين کي قتل ڪيو ويو. هلندڙ مهيني سيپٽمبر جي 20 ڏينهن ۾ هن وقت تائين 9 شهرين کي ڦر جي مزاحمت ڪرڻ تي قتل ڪيو ويو آهي. ڦورن پاران مارجي ويلن ۽ زخمين ۾ پوليس اهلڪار، عورتون، پيءُ، پٽ، معصوم ٻارڙا ۽ بزرگ شهري شامل آهن. سي پي ايل سي ذريعن موجب شهر قائد ۾ هلندڙ سال هن وقت تائين اسٽريٽ ڪرائم جا 60 هزار کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن. نئون آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين، زونل ڊي آءِ جيز ۽ ضلعي ايس ايس پيز به اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن تي ضابطو آڻڻ يا روڪڻ لاءِ بهتر حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي، پر عملي قدم کڻڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيا آهن، جنهن جا نتيجا بيگناهه ماڻهن کي ڀوڳڻا پون ٿا. ۽ معصوم شهرين کي روزاني جي بنياد تي نه رڳو روڪ رقم ، موبائيل فون ۽ ٻيو سامان وڃائڻو پئي ٿو، چوريون ڪرڻ وقت شهر جي گهٽين، پاڙن ۽ گهٽين ۾ لڳل ڪلوز سرڪٽ ڪيمرائن مان سڃاڻپ به نه ٿي سگهي ،