اميگريشن آفيسر مسافر جا سوين ڊالر چوري ڪري ڳيهي وئي!

منيلا ( ويب ڊيسڪ ) فلپائن جي هوائي اڏي ۾ عورت اميگريشن آفيسر هڪ مسافر جي بيگ مان ٽي سئو ڊالر چورائي ورتا ۽ پڪڙجڻ جي ڊپ کان اِهي ڳهي وئي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، فلپائن جي هوائي اڏي تي چوري جي اِها انوکي واردات هوشياري سان ڪئي وئي هئي پر عورت اميگريشن آفيسر کي اندازو نه هو ته سندس اِها حرڪت سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۾ محفوظ ٿي ويندي.

سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عورت سيڪيورٽي اسڪريننگ آفيسر معمول جي ڪم دوران جاچ لاءِ مسافر کان هئنڊ بيگ وٺي ٿي ۽ مسافر اسڪين مشين ڏانهن وڌي وڃي ٿو.

ان دوران اميگريشن آفيسر تيزي سان مسافر جي بيگ مان ٽي سئو ڊالر ڪڍيا ۽ وات ۾ وجهي ڇڏيا جنهن کانپوءِ عورت پاڻي پيتو ته جيئن نوٽ ڳيهي سگهي، پر سي سي ٽي وي فوٽيجز سبب پڪڙجي پئي.

عورت اميگريشن آفيسر کي بد انتظامي ۽ چوري جي قلمن تحت گرفتار ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته فلپائن ۾ هلندڙ سال ايئرپورٽ اهلڪارن طرفان مسافرن جا ڊالرز چورائڻ جو اِهو ٽيون واقعو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.