خلائي مخلوق جو حملو، 20 روسي فوجي پٿر ۾ تبديل

ميڪسيڪو جي پارليامينٽ ۾ خلائي مخلوق جي لاشن جي نمائش بعد هاڻي هڪ حيران ڪندڙ دعويٰ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته خلائي مخلوق پنهنجي هٿيار سان 20 کان وڌيڪ روسي فوجين کي پٿر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو.
عجيب ۽ دلچسپ موضوعن تي ڳالهائيندڙ مشهور پوڊ ڪاسٽر روگن تازو ئي 250 صفحن تي ٻڌل هڪ رپورٽ جا تفصيل شيئر ڪيا، جيڪي مبينا طور تي آمريڪي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي لکي هئي، رپورٽ ۾ ان واقعي تي روشني وڌي وئي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان 1980 جي ڏهاڪي جي آخر ۾ روسي ڳجهي ايجنسي ”ڪي جي بي“ جي ايجنٽن طرفان جمع ڪرايل اصل رپورٽن کي بعد ۾ يوڪريني ميڊيا ڪور ڪيو ۽ 1993ع ۾ هڪ ڳجهي انٽيليجنسي فائيل ۾ دستاويز ڪيا.
روگن موجب، رپورٽ مان خبر پوي ٿي ته اڏام جي شڪ جي هڪ خلائي جاز معمول جي تربيتي مشقن دوران روسي فوج جي هڪ ايونٽ جي مٿان اڏام ڪئي.
ان کان پوءِ، يونٽ جي هڪ ميمبر سطح ماان هوام مار ڪندڙ ميزائل فائر ڪيو جيڪو خلائي مخلوق جي ان جهاز سان ٽڪرائجي ويو ۽ اهو ويجهو ئي تباهه ٿي ويو.
هنن چيو ته ملبي مان پنج انسانن جهڙيون مخلوقون نڪتيو، جن قد ننڍو هو، مٿا وڏا هئا ۽ اکيون ڪاريون هيون.
روگن وجب، زندهه بچي ويل فوجين شاهدي ڏني ته خلائي جهاز کان ٻاهر ڪرڻ کان پوءِ خلائي مخلوق پاڻ ۾ ضم ٿي وئي، ان کان پوءِ شيءِ هڪ بيضي جهڙي شيءِ ۾ تبديل ٿي وئي جنهن مان تيزي گونجندڙ آواز نڪري رهيو هو.
هنن چيو ته پوءِ اوچتو هڪ اڇو پونڊر چوڌاري وکري ويو جنهن جي سائيز پکڙجندي وئي، ۽ پوءِ اوچتو هڪ ڌماڪو ٿيو، ان وقت اهي 23 فوجي ان نظاري کي ڏسي رهيا هئا پر پٿر ۾ تبديل ٿي ويا.
رپورٽ ڪيئن منظرعام تي آئي؟
رپورٽ موجب اها حيردان ڪندڙ دعويٰ ٻن فوجين طرفان ڪئي وئي هئي جيڪي ان واقعي ۾ ٿيل ڌماڪي کان بچي ويا هئا.
روگن موجب جي بي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته خلائي جهاز جي باقيات ۽ ڊنل فوجين کي ماسڪو جي ويجهو هڪ گھڻي ڳجهي تحقيقي مرڪز ۾ پهچايو ويو.
دستاويز ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪيو ويو ته انٽارڪٽيڪا جي مختلف بيسز تي ڳاڙهي، سائي ۽ ڦڪي رنگ جي ڪيترين ئي اڻڄاتل شين کي اڏامندي ڏٺو ويو هو.
1991ع ۾ سوويت يونين جي آخري صدر ميخائل گورباچوف انهن دستاويزن کي تلف ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر هي ڪيئن نه ڪيئن سي آءِ اي جي هٿ لڳ ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.