اکيون اٿڻ جي وبا سنڌ کانپوءِ پنجاب به پهچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) اکيون اٿڻ جي وبا سنڌ کانپوءِ پنجاب به پهچي وئي ۽ صوبائي صحت کاتي انفيڪشن کان بچاءَ لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن.
پنجاب جي صحت کاتي اکين جي انفيڪشن کي ڏسندي هدايتون جاري ڪيون آهن، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اکين جي انفيڪشن سان شهري متاثر ٿي رهيا آهن، ويجهن رابطن، کنگهه، نِڇ ڏيڻ ۽ هٿ لڳائڻ سان وائرس منتقل ٿيندو آهي.
هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته هينڊ سينيٽائيزر جو استعمال لازمي ڪيو وڃي، مريض جي ويجهو ويندڙ ماڻهو هر هر هٿ ڌوئي، هٿ ڌوئڻ بنا اکين کي نه لڳايو وڃي.
هدايتن موجب اکين جي انفيڪشن واري مريض جون شيون استعمال نه ڪيون وڃن، مريض جو ويهاڻو، ڪپڙا، دوائون، عينڪ کي ڌار رکيو وڃي، انفيڪشن دوران چهري تي استعمال ڪيل شئي ٻيهر استعمال نه ڪئي وڃي.
ان حوالي سان ڊي جي هيلٿ پنجاب سڀني ضلعي اٿارٽيز کي خط جاري ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.