هڪ مهيني دوران ڪيترا پاڪستاني ملڪ ڇڏي ويا؟ ڇرڪائيندڙ انگ اکر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اوورسيز ايمپلائمنٽ پروموٽرز انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ مهيني دوران 90 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني روزگار لاءِ ٻاهرئين ملڪ هليا ويا.
پاڪستان مان ٻاهرئين ملڪ ويندڙن جي انگ ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، ان حوالي سان پاڪستان اوورسيز ايمپلائمنٽ پروموٽرز رپورٽ جاري ڪئي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ مهيني دوران 90 هزار کان وڌيڪ پاڪستان نوڪرين لاءِ ٻاهرئين ملڪ هليا ويا، جڏهن ته 8 مهينن دوران 5 لک 40 هزار پاڪستان ٻاهرئين ملڪ وڃي چڪا آهن.
پاڪستان اوورسيز ايمپلائمنٽ پروموٽرز جو چوڻ آهي ته سال 2022 ۾ 8 لک 30 هزار پاڪستاني ٻاهرئين ملڪ نوڪري لاءِ ويا هئا، جڏهن ته سال 2015 ۾ اهو انگ 9 لک 50 هزار جي لڳ ڀڳ هو.
رپورٽ موجب 2015 کانپوءِ 2022 ۾ سڀ کان وڌيڪ پاڪستاني ٻاهرئين ملڪ وڃي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.