عالمي ڪپ لاءِ پچز ۽ بائونڊريز جي سائز بابت اهم هدايتون جاري

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ميلي ون ڊي ورلڊ ڪپ ايندڙ مهيني کان ڀارت ۾ شروع ٿي رهيو آهي، ميگا ايونٽ کي نتيجو ڏيندڙ بڻائڻ لاءِ آءِ سي سي نيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل ورلڊ ڪپ 2023ع لاءِ ميزبان اسٽيڊيمز جي ڪيوريٽرز لاءِ پروٽوڪول جاري ڪري ڇڏيا آهن.

نئين هدايت نامي موجب، ڪيوريٽرز کي پِچ اهڙي انداز ۾ ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جيئن ٽاس کٽڻ يا هارائڻ جو اثر ميچ جي نتيجي تي نه پوي.

ٽائمز آف انڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته عالمي ڪپ آڪٽوبر ۽ نومبر دوران ڀارت جي مختلف شهرن ۾ کيڏيو ويندو، جتي رات جي وقت ۾ ماڪ پوڻ جو امڪان آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عالمي ڪپ جي سمورين ميچون ڊي اينڊ نائٽ کيڏيون وينديون، انڪري ٽورنامينٽ دوران ميدان ماڪ پوڻ خدشو موجود آهي.

رپورٽ موجب، ڀارتي ڪنڊيشنز عام طور تي اسپن لاءِ وڌيڪ سازگار هوندي آهي پر آءِ سي سي ماڪ جي حوالي سان صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيوريٽرز لاءِ نئون پروٽوڪول جاري ڪندي کين هدايت ڪئي آهي ته هو تيز بالرن جي مدد لاءِ پچن تي گاهه وڌيڪ ڇڏي ڏين ته جيئن راند ۾ سندن ڪردار متاثر نه ٿئي.

آءِ سي سي جي اِها هدايت ٻه سال اڳ يو اَي ايِ ۾ کيڏيل ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ميچن کي دلچسپ بڻائڻ لاءِ اهم قدم آهي ڇو ته 2021ع ۾ گڏيل عرب رياستن ۾ ٿيل آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ به ماڪ پئي هئي ۽ بعد ۾ بيٽنگ ڪندڙ ٽيمون فائدي ۾ رهيون.

ٻئي پاسي ميچن ۾ بيٽ ۽ بال ۾ توازن برقرا رکڻ لاءِ اسٽيڊيم جي بائونڊريز جو سائز ستر ميٽرز يا ان کان وڌيڪ رکڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي، عالمي ڪرڪيٽ ۾ بائونڊري سائز گهٽ ۾ گهٽ 65 جڏهن ته وڌ ۾ وڌ 85 ميٽر هوندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.