ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم جو اعلان سڀاڻي ٿيندو، ڪير ايندو ڪير ويندو؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندڙ ڏهن ٽيمن مان پاڪستان واحد ٽيم آهي جيڪا هنيئر تائين پنهنجي پندرنهن رُڪني اسڪواڊ جو اعلان ناهي ڪري سگهي.

پي سي بي طرفان قومي اسڪواڊ جو اعلان نه ڪرڻ سبب سوشل ميڊيا تي مختلف افواهه سامهون اچي رهيا آهن ۽ ڪرڪيٽ شوقين به انجرڊ نسيم شاهه جي جاءِ تي محمد عامر کي شامل ڪرڻ جو مطالو ڪري رهيا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي ۾ڪو به تڪرار نه آهي.

ذريعن موجب، ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم جي پندرنهن رانديگرن جا نالا طئي ٿي چڪا آهن ۽ پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جو چيئرمين ذڪاءَ اشرف سڀاڻي صبح سوا 11 وڳي ٽيم جو اعلان ڪندو.

نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه جي انجري سبب سندس جاءِ تي فاسٽ بالر حسن علي عالمي ڪپ کيڏڻ لاءِ ڀارت ويندو، جڏهن ته زمان خان، ابرار احمد ۽ محمد حارث ٽريولنگ ريزرو ۾ هوندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ميگا ايونٽ کان اڳ اسپن بالنگ ڪوچ به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويندو، اڳوڻو اسپنر مشتاق احمد بالنگ ڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.