لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ميڊيڪل پئنل فاسٽ بالر حارث رئوف کي ٽيم سليڪشن لاءِ فٽ قرار ڏئي ڇڏيو.
قومي ڪرڪيٽر حارث رئوف نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ بالنگ ڪئي جتي بورڊ جي طبي عملي سندس بالنگ جو جائزو ورتو ۽ کيس قومي ٽيم ۾ سليڪشن لاءِ فٽ قرار ڏنو.
پي سي بي ميڊيڪل پئنل طرفان فٽ قرار ڏيڻ کانپوءِ حارث رئوف بالنگ پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ هو عالمي ڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ جو حصو هوندو.
ياد رهي ته حارث رئوف ايشيا ڪپ دوران فٽنس مسئلن جو شڪار ٿي ويو، ڀارت خلاف ميچ ۾ پاسيرين ۾ تڪليف جي شڪايت بعد هو سريلنڪا خلاف اهم ميچ به نه کيڏي سگهيو هو.