سنڌ ۾ مزدورن جي پگهار 32 هزار مقرر ڪرڻ جي فيصلي تي عمل نه ٿيو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻين صوبن ۾ مزدورن جي گهٽ کان گهٽ اجرت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي پر سنڌ جا مزدور اڃا تائين واڌ کان محروم آهن.
سنڌ ۾ مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت نه وڌي سگهي، مهانگائي سبب ڏکيائين کي منهن ڏيندڙ مزدور اجورو وڌڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن.
اڳوڻي حڪومتي دور ۾ ورڪرز جي پگهار ۾ 35 سيڪڙو واڌ جي فيصلي تي عملدرآمد اڃا تائين ناهي ٿي سگهيو.
محنت کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ويجز بورڊ گهٽ کان گهٽ پگهارون 32 هزار ۽ 33 هزار ڪرڻ جي منظوري ڏئي چڪو آهي پر حتمي منظوري نگران ڪابينا کي ڏيڻي آهي.
سنڌ ۾ هنرمند ورڪرز جي موجوده اجرت 26 هزار ۽ غير هنرمند ورڪر جي اجرت 25 هزار مقرر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.