ورلڊ ڪپ مها دنگل، شاهين آفريدي ڇا رٿيو آهي؟، وڊيو ڏسو

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي دنگل يعني پاڪ-ڀارت مقابلي کان اڳ قومي ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر شاهين آفريدي جو بيان اچي ويو.

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ايندڙ مهيني پنج آڪٽوبر کان ڀارت ۾ شروع ٿيندو، پاڪستان ٽيم پنهنجي پهرين ميچ ڇهه آڪٽوبر تي نيڌرلينڊز خلاف کيڏندي، گرين شرٽس جي ٻي ميچ ڏهه آڪٽوبر تي سريلنڪا خلاف شيڊيول آهي.

عالمي ڪپ جو سڀ کان وڏو پاڪ-ڀارت ٽاڪرو 14 آڪٽوبر تي احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندو.

ان ڏس ۾ آءِ سي سي طرفان انسٽاگرام تي آءِ سي سي شاهين آفريدي جي وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو عالمي ڪپ جي مهادنگل بابت خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي.

View this post on Instagram

A post shared by ICC (@icc)

شاهين آفريدي چيو ته جڏهن ڀارت خلاف احمد آباد ۾ ميچ ٿيندي اٽڪل ڏيڍ لک تماشائي ميدان ۾ موجود هوندا، ان ميچ ۾ جيڪڏهن ڪير پرفارم ڪري ويو ته هيرو بڻجي ويندو.

فاسٽ بالر چيو ته اميد آهي ته ڀارت ۾ به ماڻهو ايندا ۽ پاڪستان کي سپورٽ ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.