چئن ڊالرن جي پينٽنگ لکين ڊالرن ۾ وڪامجي وئي

پينسلوانيا (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ استعمال ٿيل شين جي دڪان تان چئن ڊالرن ۾ خريد ڪيل هڪ پينٽنگت 1 لک 91 هزار ڊالرن ۾ نيلامي ڪئي وئي ، اها پينٽنگ سي ويٿ نالي پينٽر جي هئي جيڪا ڪيتري ئي عرصي کان گم هئي.

ريمونا نالي اها پينٽنگ انهن چئن پينٽنگز مان هڪ هئي جيڪي آمريڪي رياست پينسلوينيا سان واسطو رکندڙ فنڪار هيلن هنٽ جيڪسن جي 1884ع ۾ لکيل ڪتاب ريمونا جي 1939 جي ايڊيشن لاءِ تيار ڪئي وئي هئي.

آڪشن هائوس جو چوڻ هو ته هنن اها پينٽنگ مقامي استعمال ٿيل شيون وڪرو ڪندڙ دڪان تي خريد ڪئي هئي جيڪا ڊگھي عرصي کان ڀت تي لڳل هئي ۽ بعد ۾ الماري ۾ رکي وئي.

هنن کي ان پينٽنگ جي حقيقت جي خبر ان جي تصوير فيسبڪ تي پوسٽ بعد پئي جنهن کان پوءِ ان کي چيڊز فورڊ جي ڪيوريٽر ۽ آمريڪي رياست ۾ مين لورين لوئس نالي اڳوڻي ويٿ ڪيوريٽر سان رابطو ڪرڻ لاءِ زور ڏنو ويو.

عورت پينٽنگ جي حقيقت بابت تصديق کان پوءِ ان کي نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پينٽنگ جي سڀب وڌيڪ ٻولي ڏيڍ لک ڊالرز لڳائي وئي ۽ آخر ڪار پينٽنگ کي 1 لک 91 هزار ڊالرز ۾ نيلام ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.