پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس جي فيصلي تائين حساس ڪيسن جي ٻڌڻي نه ٿيندي: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ حساس ڪيسن جي ٻڌڻي کي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس جي فيصلي سان مشروط ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ جي ذريعن وٽان ملندڙ طلاع موجب چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رجسٽرار آفيس کي اهم هدايتون جاري ڪيون آهن، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حساس ڪيسن جي ٻڌڻي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس جي فيصلي تائين نه ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 3 آڪٽوبر تائين حساس نوعيت جي ڪيسن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪيو ويو، ڇو ته هدايت موجب پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ڪيس جي فيصلي کانپوءِ ئي انهن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.