آسٽريلوي ڪپتان عالمي ڪپ کان اڳ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

موهالي ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان پيٽ ڪمنز چيو آهي ته اميد آهي ڀارت خلاف تمام ميچن ۾ ڪينگروز جي قيادت ڪندس.

موهالي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيٽ ڪمنز چيو ته انجري کانپوءِ هاڻ بهتر محسوس ڪري رهيو آهيان، منهنجي ڪَرائي هاڻي سئو سيڪڙو ٺيڪ ٿي وئي آهي.

پيٽ ڪمنز چيو ته فاسٽ بال مچل اسٽارڪ ۽ گلين ميڪسويل ٽيم سان گڏ آهن پر پهرين ميچ نه کيڏندا، ٻئي رانديگر سيريز جي ٻين ميچن ۾ايڪشن ۾ نظر ايندا.

ڪينگروز ڪپتان چيو ته هو ڀارت جي ڪنڊيشنز کي سمجهڻ ۽ ميچون کٽڻ جي ڪوشش ڪندا، پهرين ميچ ۾ نون رانديگرن کي موقعو ڏنو ويندو.

هن چيو ته جيڪڏهن ٻن اسپنرن جي ضرورت پئي ته اسٽيو سمٿ کان به بالنگ ڪرائي ويندي.

ياد رهي ته ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي موهالي ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.