اليڪشن ڪميشن جي چونڊن بابت اعلان تي پي ٽي آءِ جو ردعمل اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن طرفان جنوري 2024 جي آخري هفتي ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي اعلان تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
پي ٽي آءِ ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان تاريخ بدران مهينو مقرر ڪرڻ حيران ڪندڙ آهي، آئين اليڪشن ڪميشن کي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو پابند بڻائي ٿو.
ترجمان چيو ته جنوري جي ڪا به تاريخ 90 ڏينهن جي آئيني مدي کان ٻاهر هوندي، 90 ڏينهن ۾ چونڊن جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، حتمي فيصلي تائين 90 ڏينهن کان ٻاهر تاريخ کي قبولڻ قوم لاءِ ممڪن ناهي.
ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن آئين تحت گهربل ماحول قائم ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، شفاف چونڊون ئي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جو واحد حل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.