جيل ۾ قيدين لاءِ جوا کانو، ڊسڪو ۽ سوئمنگ پول هر وقت کليل

ڪراڪس (ويب ڊيسڪ) وينزويلا ۾ سيڪيورٽي فورسز خطرناڪ ڌاڙيلن جي قبضي مان هڪ جيل خالي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جنهن کي قيدين آسائشن سان ليس لگزري هوٽل بڻائي ڇڏيو هو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب وينزويلا جي هڪ جيل جو قبضو ڇڏرائڻ لاءِ 11 هزار اهلڪارن کي آپريشن ڪرڻو پيو ڇو جو ان آپريشن ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن انتهائي خطرناڪ ۽ عالمي نيٽورڪ رکندڙ گينگسٽرز کي منهن ڏنو هو.
ان جيل ۾ گينگسٽرز ڊسڪو ۽ جوا خاني سان گڏوگڏ سوئمنگ پول، جڙيا گھر ۽ بيون سهولتون کولي ڇڏيون هيون. اهو جيل سون جي سمگلرز ”ٽرين دي آگورا“ نالي گينگ جي هيڊ ڪوارٽر طور تي به استعمال ٿيو هو. ان جيل ۾ مخالف گينگز قيدين سوڌو سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ غير ملڪي مغوين کي به ڀنگ جي نيت سان رکيو ويندو هو جڏهن ته گينگ سربراهن کي اتي فائيو اسٽار هوٽل جون سهولتون حاصل هيون.
اهو سرڪاري جيل هو جنهن ۾ قيد خطرناڪ گينگسٽرز اهلڪارن کي يرغمال بڻائڻ بعد قبضو ڪري ورتو هو ۽ اتي پنهنجو سسٽم هلائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو.
”ٽرين ڊي آراگورا“ وينزويلا جو سڀ کان طاقتور گينگ آهي جيڪو نه رڳو سڄي ملڪ پر پاڙيسري ملڪن ۾ به ڏوهن جو نيٽورڪ هلائي رهيا آهن ان گينگ جي ميمبرن جو انگ 5 هزار جي لڳ ڀڳ آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.