شهباز شريف مُلڪ ۾ هڪ ڏينهن ترسڻ کانپوءِ نواز شريف لاءِ اهم پيغام کڻي لنڊن روانو ٿي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻو وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف اوچتو لنڊن واپس روانو ٿي ويو.

شهباز شريف هڪ ڏينهن پاڪستان ۾ ترسڻ کانپوءِ نواز شريف لاءِ اهم پيغام کڻي لنڊن روانو ٿي ويو آهي.

مريم نواز خميس جي شام ۽ شهابز شريف رات تي لنڊن پهچندي.

شهباز شريف ۽ نواز شريف جي اهم گڏجاڻي جو امڪان آهي، جنهن ۾ نواز شريف جي وطن واپسي ۽ ٻين معاملن تي مشاورت ڪئي ويندي.

ذريعن موجب، جمعي تي لنڊن ۾ ن ليگ جي قيادت جي اهم گڏجاڻي ٿيندي جنهن ۾ صرف نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز شرڪت ڪندا.

ذريعن موجب، اجلاس نواز شريف جي واپسي  جي حتمي پروگرام کانسواءِ  اليڪشن بابت اهم فيصلا ڪيا ويندا.

ذريعن موجب، نواز شريف جي وطن واپسي جو  پروگرام 21 آڪٽوبر تي رٿيو  ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.