36سالن جي اداڪارا پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي

انقره (ويب ڊيسڪ) ترڪيا جي مشهور اداڪارا مٿي ۾ گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.

36 سالن جي اداڪارا مرفي ڪيالپ پنهنجي پيءُ جي لائسنس واري پسٽل سان مٿي ۾ گولي هڻي زندگي جو انت آندو.

اداڪارا صوبي موگلا جي علائقي داالامان ۾ رهائشگاهه تي هئي.

اداڪارا جي پاڙيسرين گولي جو آواز ٻڌي پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس پهتي ته اداڪارا مئل حالت ۾ ملي.

شوبز برادري سندس موت جي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.