”باجوا ۽ فيض مُلڪ جي بدحالي جا ذميوار، ٻنهي کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جومطالبو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي گهرو وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا ۽ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي قومي ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو.

هڪ انٽرويوءَ دوران راڻا ثناءُ الله چيو ته قمي جاويد باجوا ۽ فيض حميد قومي ڏوهاري آهن، مُلڪي جي معاشي صورتحال جا اصل ذميوار اِهي ماڻهو آهن.

هن مطالبو ڪندي چيو ته باجوا ۽ فيض حميد کي پرويز مشرف وانگر انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.