پاڪستان جو مشهور سياستدان مارجي ويو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جو اڳواڻ ارباب غلام محمد قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويو.

ايس ايڇ او نيوڪچلاڪ عابد مينگل موجب اي اين پي اڳواڻ ارباب غلام محمد ڪاسي جو لاش ڪچلاڪ جي علائقي ڪول شيخ جمال اٽوزئي مان مليو آهي.

ايس ايڇ او وڌيڪ ٻڌايو ته ارباب غلام محمد ڪاسي کي گوليون لڳيون. واقعي واري هنڌ تان گولين جا خول پڻ هٿ ڪيا ويا.

اهو ڄاڻڻ باقي آهي ته ارباب غلام محمد ڪاسي پنهنجي ساڄي هٿ سان بندوق کڻي آپگهات ڪيو يا ڪنهن کيس قتل ڪيو آهي.

ايس ايڇ او عابد مينگل جو چوڻ آهي ته موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڪوئيٽا سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.