اسلام آباد ۾ چورن کي پڪڙڻ لاءِ لڳايل ڪيمرائون چوري!

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي راڄڌاني ۾ چورن کي پڪڙڻ لاءِ لڳل ڪيمرائون چوري ٿيڻ لڳيون.

ذريعن موجب، مارگلا ٿاڻي ٻاهران لڳل هڪ لک ويهه هزار رُپين جي ماليت جون سيف سٽي ڪيمرائون چوري ڪري ويا ۽ پوليس ٻن هفتن تائين اڻڄاڻ رهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻه سپٽيمبر جي رات ڪيمرائون بند ٿيڻ باوجود ڪارروائي بدران رڳو رپورٽ لکي وئي، جڏهن ته ٻه سپٽيمبر جي چوري جو ڪيس 16 سپٽيمبر تي مارگلا ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.