عمران خان خلاف داخل 9 مئي جي ڪيسن ۾ بغاوت جا قلم به شامل ڪيا ويا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نوَ مئي سانحي جي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين سميت سمورن جوابدارن جي چالان ۾ بغاوت جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

ايس ايس پي انويسٽيگيشن انوش معسود ٻڌايو ته نوَ مئي جي مک ڪيس سميت سمورن ڪيسن ۾ 120 بي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي واقعي واري هنڌ تي غير موجودگي باوجود سندس خلاف بغاوت تي ڀڙڪائڻ ۽ رٿابندي جا ثبوت مليا آهن.

پوليس موجب، پراسيڪيوشن طرفان چالان تي اعتراض وارڻ کانپوءِ  بغاوت جا قلم شامل ڪيا ويا، تنهنڪري چالان جمع ڪرائڻ کان اڳ پراسيڪيوشن جا سمورا اعتراض ختم ڪري ڇڏيا آهن، هاڻي ايجنسيز جي رپورٽ ملڻ تي چالان جمع ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.