نيب نواز شريف، آصف زرداري سميت ٻين سياستدانن خلاف ڪرپشن جا ڪيس کولي ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) نيب نواز شريف، آصف زرداري ۽ ٻين سياستدانن جا ڪيس بحال ڪندي احتساب عدالت اسلام آباد کي خط لکي ڇڏيو.

سُپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ نيب ايڪشن وٺندي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اسي ڪيسز کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ان ڏس ۾ نيب احتساب عدالت جي رجسٽرار ڏانهن خط لکي ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ سڀاڻي ڪيسن جو رڪارڊ پيش ڪيو ويندو.

ذريعن موجب، عدالتي حڪم تي آصف علي زرداري، نواز شريف، مراد علي شاهه، شاهد خاقان عباسي سميت اسي ڪيسز بحال ڪيا ويا آهن.

نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ وارو ڪيس به کوليو ويندو.

ذريعن موجب، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف جعلي اڪائونٽ ڪيسز به بحال ٿي ويا آهن، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف خلاف رينٽل پاور ڪيس کُلي ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف، آصف زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشاخانا مان گاڏيون وٺڻ وارو ڪيس به کُلي ويو آهي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته نيب فهرست جي حساب سان سڀاڻي رڪارڊ پيش ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.