پنوعاقل (ويب ڊيسڪ) بجلي چوري جي شڪايت تي ڪوريج لاءِ پهتل عوامي آواز جي رپورٽر کي وڏيري امجد ٿهيم پاران تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي.
ڳوٺ در محمد ٿهيم ۾ پهتل صحافي رستم انڍڙ ۽ ساٿي انور جتوئي کي ٻن ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو ويو جڏهن ته اطلاع تي صحافين پهچي يرغمال صحافي کي ڇڏائي اسپتال پهچايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.
رپورٽر رستم انڍڙ واقعي بابت ٻڌايو آهي ته جڏهن هو ڪوريج لاءِ ڳوٺ پهتا ته وڏيرو امجد ٿهيم پنهنجي بنگلي تي وٺي ويو ۽ اتي ٻن ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائي مارڪٽ ڪئي وئي آهي. عوامي آواز پاران اهڙي شڪايت آءِ جي سنڌ کي ڪئي
وئي آهي، جڏهن ته ڪا گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي.