هرديپ سنگهه قتل مامرو، ڪئناڊا ۾ رهندڙ ڀارتين لاءِ اهم هدايتون جاري

نئين دهلي( ويب ڊيسڪ ) ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل کانپوءِ ڀارت ۽ ڪئناڊا وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ بعد ڀارت پنهنجي شهرين لاءِ ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل ايڊوائزري ۾ ڪئناڊا ۾ وڌندڙ ڀارت مخالف سرگرمين تي اتي موجود ڀارتين کي احتياط جو مشورو ڏنو ويو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب، ايڊوائزري ۾ ڪئناڊا جو سفر ڪندڙ ڀارتين کي به اتي هوشيار رهڻ جو چيو ويو آهي.

ڀارتي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته ڪئناڊا ۾ ڀارت مخالف ايجنڊي جي مخالفت تي سفيرن کي نشانو بڻايو ويو آهي انڪري ڀارتي شهري ڪئناڊا جي مخصوص علائقن جي سفر کان پاسو ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.