لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب ۾ پارٽي کي متحرڪ ڪرن لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جو اجلاس ڪجهه ڏينهن اڳ بلاول هائوس لاهور ۾ ٿيو هو جنهن جي صدارت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪئي هئي.
پ پ جي سي اي سي اجلاس ۾ ايندڙ عام چونڊن ۽ پارٽي ٽڪيٽن جي ورهاست جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي هئي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي ترتيب ڏني وئي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ پنجاب ۾ پارٽي کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي ۽ ان ڏس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي قيادت کي چونڊن جي تيارين جي هدايت پڻ ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، پ پ سينٽرل ڏکڻ پنجاب ۾ ڪنونشن ذريعي چونڊ مهم جي شروعات ڪندي جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو.