حيدرآباد(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس فائز عيسيٰ کي سنڌ سان ناانصافين، ڪرپشن ۽ غير قانوني پرڏيھين جو نوٽيس وٺڻ گھرجي،هن چيو ته افسوس آھي جو عدل جي ايوانن سنڌ سان ناانصافين کي نظرانداز ڪيو ھاڻ اميد آھي ته چيف جسٽس فائز عيسيٰ سنڌو درياھ تي لڳندڙ ڌاڙن جو نوٽيس وٺندو ۽ سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏياريندو.اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ ھر کاتي ۾ ڪرپشن آھي، جنھنڪري عوام لاءِ بنيل اداره بي فائده بنيل آھن. حڪمران طبقي جا ماڻھو پنھنجي معمولي بيماري جو علاج به ٻاھرين ملڪن ۾ وڃي ڪرائين ٿا پر سنڌ جي ڪراچي کي ڇڏي باقي شھرن جي اسپتالن ۾ غير معياري دوائون، ڊاڪٽرن جي کوٽ، گندگي جو آزار ۽ بھتر ٽيسٽون نه ھجڻ وارو مسئلو آھي، هن چيو ته سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي. ميرٽ کي تباھ ويو آھي. نوڪريون وڪرو ٿين ٿيون. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي راڄ ڌاني ۾.لکين غير قانوني افغاني آھن، سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود غير قانوني پرڏيھين کي واپس پنھنجي ملڪن ڏانھن نٿو موڪليو وڃي.