زمين تي قبضو، ڊي سي ملير سميت 11 آفيسرن جا وارنٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس عقيل احمد عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ آڏو ملير مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ 6 ايڪڙ پرائيويٽ زمين  تي قبضي  واري ڪيس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام سميت ٻين جي  خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،حڪم جي باوجود پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڊي سي ملير ،سي اي اوواٽر بورڊ سيد صلاح الدين ۽ چيف انجيئنر اسدالله خان سميت 11آفيسرن جا وارنٽ گرفتاري جاري ڪري ڇڏيا آهن .عدالت کين گرفتارڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي عدالت زمين کي قبضي کان خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو .جنهن ته عمل نه ٿيو .ساڳي عدالت ۾ قيوم آباد ۾ پاڻي لائن ڦاٽڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .جسٽس عقيل احمد عباسي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته پاڻي جو معاملو حساس نوعيت جو آهي،ان کي حل ڇو نٿو ڪيو وڃي .واٽربورڊ پاران جواب جمع ڪرڻ جي لاءِ مهلت طلب ڪئي وئي .عدالت 13اڪٽوبر تائين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.