سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻئي ڏينهن به وسڪارو

ڪراچي/حيدرآباد(نمائندا) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻئي ڏينهن به برسات تفصيل موجب ڪنري ۽ ڀرپاسي ۾ ٽئين ڏينهن به هوا ۽ گجگوڙ  سان گڏ برسات جو وسڪارو ٿيو، برسات بعد بجلي بند ٿي وئي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو. برسات سبب ھيٺانھن وارن علائقن ۾ پاڻي بيھجي ويو ۽ شھر جا روڊ رستن تلائن جي شڪل اختيار ڪري ورتي، برسات بعد عام زندگي مفلوج بڻجي وئي، ٻئي پاسي تيز برسات دوران ورهين کان کنڊرات بڻيل ڪنري پوليس اسٽيشن جي ڇت جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا، ھيڊ محرر جي آفيس وٽ ورانڊي جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ دوران پوليس اهلڪار ۽ عملو ڪمرن اندر هجڻ ڪري محفوظ رهيو جڏھن ته چاپڙ ڪرڻ سبب پيل ميز ٽٽي پئي، ھوڏانھن برسات بعد شھر جي مک روڊن رستن، بازارن ۽ پاڙن ۾ برساتي پاڻي بيٺل ھجڻ ڪري عوام ٻٽي عذاب کي منھن ڏيڻ لڳو آهي شھر جي مک آمريڪن چوڪ، ڪولھي بازار، شاھي بازار، مڇي مارڪيٽ، سونارا بازار، عيد گاھ روڊ، مرچ منڊي روڊ، ڳڙھ منڊي ۽ ٻين رستن تي برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي مک روڊن رستن تي پاڻي بيٺل ھجڻ ڪري اسڪولي ٻارن سميت ڪاروباري ۽ شھرين کي سخت مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيون آهن جڏهن ته شھر جي رحمت ڪالوني، سميع الله ڪالوني، غريب آباد، مھراڻ ڪالوني، ڀٽائي ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ پاڻي بيھجي ويو آھي ،سنڌڙي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان  طوفاني برسات جاري ڪيترائي هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا برسات سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو جڏھن برسات سبب نئين پوکيل فصلن سرنهن ڄانڀو  وڏف  ڪمند ۽ بصرن جي فصلن کي ڪاپاري نقصان  پهتو آهي،ٽنڊو محمد خان ۾ سخت گرمي کانپوءِ برسات جو وسڪارو ٿيو ، ميرپورخاص ۾ تيز برسات کانپوءِ  بجلي ۽ مواصلات جو نظام درهم برهم ٿي ويو،بيٺل فصلن کي نقصان پهتو،هوڏانهن کپرو ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ تيز رفتار ڀرسات پوڻ سبب لاکين ايڪڙ تي پوکصل ڦٽي جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.