لاهور (پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ماڻهن جي اکين ۾ خوابن بدران خوف آهي هتي موت سستو ۽ ماني مهانگي آهي ماڻهو امن لاءِ سڪي رهيا آهن. مهانگائي هر فرد ۽ گهراڻي جو مسئلو آهي حڪمرانن کي گهرجي ته عالمي ادارن جي آشيرواد تي عوام جي کيسن تي ڌاڙو هڻڻ بند ڪن،هن چيو ته موجوده ۽ گذريل حڪومتون آءِ ايم ايف جي مفادن جي نگراني تي مامور آھن. مهانگائي جي ڪري سڄي قوم سخت متاثر آهي اعلانن سان مسئلا حل نه ٿيندا عملي قدم کنيا وڃن، هن چيو ته مسئلو ڪرپشن چور بازاري مفت خوري ۽ مس مينيجمينٽ جو آهي. اسمگلنگ کي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت ۽ ادارن جو ڪم آهي. اسان 100 سيڪڙو قوم جي نمائندگي ڪري رهيا آهيون. اسان جي پُرامن احتجاجي تحريڪ هاڻي ختم نه ٿيندي ڌرڻي جي ٽئين ڏينهن (سڀاڻي) مستقبل جو لائحه عمل ڏيندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور جي گورنر هائوس آڏو بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي جي مجموعي صورتحال خلاف ڌرڻي جي ٻئي ڏينهن ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو.