ڪراچي(م ڊ)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) اليڪشن ڪميشن کي تڪبندين، بدلين ۽ مقررين تي پنهنجي تحفظات کان آگاهه ڪري ڇڏيو، جڏهن ته چونڊن لاءِ برابري جي ميدان جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.فاروق ستار جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم جو 5 رڪني وفد اليڪشن ڪميشن پهتو. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن عملدارن سان ملاقات ۾ ڪراچي جي تڪبندين بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته متحده اڳواڻن به خدشن جو اظهار ڪيو.ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته 2018ع جي تڪ بندين تي سخت تحفظات آهن، تڪ بنديون پهرين مخصوص پارٽي کي فائدو ڏيڻ لاءِ ڪيون ويون، سکر ۽ ميرپورخاص ۾ اسان کي نقصان پهچايو ويو،هن چيو ته سنڌ ۾ انتظامي طور تي ليول پليئنگ فيلڊ جو انتظام ناهي ڪيو ويو