ڪراچي/شڪارپور/خانپور(رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو+ذوالفقار مگسي+عاصم دايو) نگران صوبائي گهرو وزير رٽائرڊ برگيڊيئر حارث نواز ۽ آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا شڪارپور جي ڳوٺ ڪوٽ شاهو پهتا .ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد جسڪاڻي کيس بريفنگ ڏني. سنڌ جي نگران گهرو وزير حارث نواز چيو ته چورين ۽ اغوا ۾ ملوث ڏوهارين کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو ڪچي جي ڏوھارين ۽ پاٿاريدارن کي پيغام ڏيون ٿا ته پوليس وٽ پيش ٿي ڪيسن کي منھن ڏين کين قانوني رعايت ڏني ويندي.ڪچي ۽ پڪي علائقن ۾ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.ڏوهارين خلاف جيڪو به هٿيار هوندو اهو استعمال ڪنداسين ٻن مهينن ۾ ڏوهاري عنصرن جو خاتمو ڪيو ويندو، اسان ووٽ ڏيڻ نه آيا آهيون اسان تي ڪو به سياسي دٻاءُ ناهي، جيڪڏهن ڪنهن سردار کي گرفتار ڪرڻو پوندو ته گرفتار ڪنداسين آپريشن ۾ پوليس سان گڏ رينجرز ۽ پاڪ فوج به حصو وٺندي،ڏوهارين جو رستو روڪڻ لاءِ پنجاب پوليس کان به مدد ورتي ويندي ڏوهاري عناصرن خلاف جديد هٿيارن ۽ اوزارن سان آپريشن ڪيو ويندوڏوهارين جي سهولتڪارن ۽ مددگارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي .هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجي دور ۾ ڪچي جي ڏوهارين مان نجات ڏياريندي. اطلاع ملڻ تي ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو ويندو . هن چيو ته نگران حڪومت ڇھ مھينا ھلي يا ٽي مھينا ھلي ڪچي جا علائقا ڏوھارين کان پاڪ ڪري ويندا سين.پوليس وٽ ڏوھارين سان مقابلي لاءِ جديد ھٿيار موجود آھن.جتي به اطلاع مليو اتي ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو ويندو،هن چيو ته ڪچي ۾ ڊيوٽي تي ويٺل پوليس اهلڪارن کي 10 هزار رپيا الڳ ڪچا الائونس ڏنو ويندو، آئون هڪ ڀيرو ٻيهر ڏوهارين کي چوان ٿو ته هٿيار ڦٽا ڪري قانون جي گرفت ۾ اچن، پنهنجي ٻارن تي رحم ڪريو، کين قانون موجب رعايت ڏني ويندي. ان موقعي تي ڊي جي لاڙڪاڻو جاويد جسڪاڻي، ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو، ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي، اي ايس پي فضل شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا .